جاهين ٻڌ

جاهين ٻڌ: جاهين ٻڌ وڏو بهادر ۽ عقلمند هو. فتحنامه سنڌ عرف چچ نامي جو مصنف ڄاڻائي ٿو ته، ”جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪري لشڪر سميت ديبل شهر پهتو، تڏهن کيس ديبل شهر جي وچ ۾ هڪ قلعو ۽ مندر نظر آيو، انهيءَ مندر جي مٿان هڪ گنبذ هو، جنهن جي اوچائي چاليهه وال هئي. محمد بن قاسم انهي قلعي ۽ قلعي ۾ موجود مندر کي پنهنجي گهيري ۾ آندو ۽ جڏهن سندس لشڪر ستن ڏينهن کان پوءِ رات جو انهيءَ مندر واري قلعي تي چڙهڻ لڳو، تڏهن اندر موجود ديبلين بچڻ جي ڪا واهه نه ڏسندي قلعي جا دروازا کولي ڇڏيا، ان کان پوءِ اهي سڀ محمد بن قاسم کان جان جي امان گهرڻ لڳا، پر هن انڪار ڪيو ۽ حڪم ڏنائين ته هنن سڀني کي قتل ڪيو وڃي. اهو ڪوس ٽي ڏينهن جاري رهيو. محمد بن قاسم ۽ سندس لشڪر قلعي ۾ اچڻ کان پوءِ مندر ۾ گهڙي پيو. مندر مان جڙائو زيور، ٻيون قيمتي شيون ۽ ست سؤ حسين ڇوڪريون ڪڍي باقي ٻين سڀني مردن توڙي ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيائون. قتل ٿيل چئن هزارن کان مٿي ماڻهن جا قيمتي زيور به لاٿا ويا. انهيءَ قلعي ۾ موجود ديبلين جو حاڪم جاهين ٻڌ برسايد جو پٽ هو. جڏهن ستين ڏينهن رات جو محمد بن قاسم جو لشڪر قلعي جي ڀتين تي چڙهڻ لڳو، تڏهن جاهين ٻڌ، جيڪو تمام بهادر هو راتو رات قلعي جي ڀت ٽپي وڃي راجا ڏاهر وٽ پهتو ۽ ان کي هن سڄي ظلم کان آگاهه ڪيائين. راجا ڏاهر کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر جاهين کي سلامت ڏسي، لشڪر ڏئي مهراڻ جي ڪناري ٻيٽ جي قلعي جو حاڪم مقرر ڪيائين ۽ جڏهن محمد بن قاسم ٻيٽ جي قلعي وٽ پهتو تڏهن جاهين ٻڌ ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ زبردست جنگ لڳي.“



لفظ جاهين ٻڌھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


سپه سالار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاهين ٻڌ
سپه سالار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون